SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سفارتي وچور- ڳُجهي سفارتي لکپڙهه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سفارتي وچور- ڳُجهي سفارتي لکپڙهه

Bag

بئگ

برطانيا طرفان سفارتي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح ، جيڪو ڪنهن به سفارتخاني طرفان حاصل ڪيل معلومات ۽ تفصيلن کي سنواري سڌاري رپورٽن جي صورت ۾ مُلڪي اختيارين کي موڪليو ويندو آهي. سفارتي عملدار ان لک پڙهه کي دستاويزن، خبرن ۽ ٻئي مواد جي شڪل ۾ موجود ٿهي، سان گڏ پنهنجا تبصرا ۽ اضافي ڪمينٽس لکي، پنهنجي حڪومتن کي ڪاغذي ٿهي يا بنڊل جي صورت ۾ مهربند ڪري موڪليندا آهن، جنهن کي فقط لاڳاپيل مُلڪي آفيس جو عملدار ئي کولي سگهندو آهي ۽ ٻي ڪنهن مقامي يا غير مقامي حڪومت کي انهيءَ ڪاغذي يا دستاويزي ٿيلهي (Bag) کي ڦلهورڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙيءَ طرح جنهن مخصوص ڏينهن تي اهو ”ٿيلهو“ مُهر بند ڪري ڏيهي حڪومت کي موڪليو ويندو آهي. سفارتي ٻوليءَ ۾ ان ڏهاڙي کي “Bag Day” سڏيو ويندو آهي. ان ڏهاڙي تي هر قسم جو مواد فائينل ڪري سفارتڪار آڏو پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪو ان کي پنهنجي ملڪي حڪومت ڏانهن اماڻيندو آهي


Remember Me Also:

لٻر

لَٻُرُ جمع لَٻَرَ (ت)

ذ . رلِي ، ڌٻر، پراڻو ڇنل ڪڙو. لُڳُڙُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal